سوامي ڌرمداس

سوامي ڌرمداس: مشهور بزرگ سوامي ڌرمداس ولد مٺو مل 1854ع ۾ ڳوٺ ٺوڙي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس پيدائش کان 7 مهينا اڳ سندس والد شري مٺو مل گذاري ويو. سندس ماءُ پالنا ڪئي ۽ پورهيو ڪري سندس تربيت ڪيائين. شري ڌرمداس نت نيم پرڀات جو اٿي ايشور سمرڻ ڪندو هو. ايڪادشمي ۽ ست نارائڻ جو ورت پڻ رکندو هو. ٻن ميلن جي مفاصلي تي رانوتي ڳوٺ ۾ سنتن جي ڏيري تي وڃي انهن جي ستسنگ ۾ شريڪ ٿيندو هو. اتي انهن سنتن مهاتمائن جي شڪتي شيوا به ڪندو هو. پکين کي کاڌو کارائيندو هو. هي سنتن کان گرمکي ۽ هندي به سکيو. هن سارڪتالي، ويراڳه شٽڪ، رامائڻ ۽ ٻيا ڌرمي پستڪ پڙهڻ کانپوءِ دنيوي ٻنڌڻن کان آجو ٿي جهنگ ۾ ڀڳوان جي ڌيان ۾ محو ٿي ويو. رام جي رنگ ۾ رچي راس ٿي ڌرمداس مان سوامي ڌرمداس ٿي پيو. 14 مهينا جهنگ ۾ ساڌنا ڪيائين. سوامي ڌرمداس سنڌ جي گهڻن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي نام جو سنديش ڏيندو هو. لاڙڪاڻي شهر ۾ هن سوامي درٻار کولي.


لفظ سوامي ڌرمداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو